ڪينيا جي آرمي چيف سميت ڏهه فوجي آفيسر هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ اجل جو شڪار

نيروبي: (جمعو: 19 اپريل 2024ع) ڪينيا ۾ ملٽري هيلي ڪاپٽر حادثي جي نتيجي ۾ آرمي چيف جنرل فراننس اوگولا نوَ اعليٰ فوجي آفيسرن سميت اجل جو شڪار ٿي ويو.

ڪينيا جي صدر وليم روٽو طرفان تصديق ڪئي وئي ته ملٽري هيلي ڪاپٽر ڪرڻ جي واقعي ۾ ڪينيا جو ملٽري چيف جنرل فراننس اوگولا فوت ٿي ويو آهي.

ڪينيا جي صدر ان حادثي تي ملڪ ۾ 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان به ڪيو آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب ملٽري چيف اتر اولهه علائقي ۾ فوجين سان ملڻ وڃي رهيو هو، ٻه فوجي ان حادثي ۾ بچي ويا، جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال نيو ويو.

ڪينيا جو ملٽري هيلي ڪاپٽر اولهه پوڪوٽ ڪائونٽي مان اڏام ڀرڻ جي ڪجهه منٽن کانپوءِ ئي ڪري پيو، واقعي جا سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ ٽيم جوڙي وئي آهي.

Read Previous

دهشتگردن پرڏيهي شهرين کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي: ڊي آءِ جي ايسٽ

Read Next

خيبرپختونخواهه ۾ برسات سبب حادثن ۾ 36 ڄڻا فوت ٿي ويا

Most Popular