سکر ڀرسان ڳوٺ لال مشائخ ۾ اُرڙي وگهي 5 معصوم ٻارڙا فوت

سکر (رپورٽر) سکر ڀرسان ڳوٺ لال مشائخ ۾ اُرڙي وگهي 5 معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا

سکر ويجهو ڳوٺ لال مشائخ ۾  اُرڙي وبائي صورت اختيار ڪري  ورتي، 5 معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا، ڊپٽي ڪمشنر چئن ٻارڙن جي اُرڙي وگهي  فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

ٻڌايو پيو وڃي ته فوتين ۾ چئن ورهين جو عبدالرحمان ڀٽي،  ڏيڍ سال جي شاهين ڀٽي، ڏيڍ سال جو  آذان پٽ محمد عرفان ڀٽي شامل آهن، پنج ورهين جو آيان پٽ محمد نعمان  ڀٽي ۽ ٽن ورهين جي صديقه ڌيءَ  ضمير حسين به فوتين ۾ شامل

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ارڙي تباهي مچائي ڇڏي آهي، رابطي ڪرڻ باوجود صحت کاتي جي عملدارن ڪا ٽيم نه موڪلي جنهن ڪري 5 ٻارڙا فوت ٿي ويا، واهر ڪئي وڃي

Read Previous

لاڙڪاڻي ۾ مسجد جي پيش امام طرفان نينگر سان بدفعلي، جوابدار گرفتار

Read Next

سنڌ سميت ملڪ ۾ 9 مئي واقعن کي سال مڪمل ٿيڻ تي ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي، ريليون

Most Popular