ميهڙ : ڪجه ڏيهن اڳ احسان ٽائون جي رهواسي منظور گائنچو جي گهر مان چوري ٿي وئي هئي

ميهڙ : ميهڙ ۾ ڪجه ڏيهن اڳ احسان ٽائون جي رهواسي منظور گائنچو جي گهر مان چوري ٿي وئي هئي ۔اڄ منظورگائنچو مسمات سائره زينب گائنچو قرآن پاڪ سميت سنڌ پريس ڪلب ميهڙ پهچي احتجاج ڪيو۔ هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڪجه ڏينهن  اڳ گهر مان ڀت ٽپي چور چوري ڪري ويا هيا جنهن ۾ سونا والا ۔ٻه سونيون منڊيون ۔هڪ سوني زنجير هڪ بئٽري ۽ ارڙهن هزار روڪ رقم کڻي ويا هيا۔ اهڙو اطلاع ٿاڻي تي ڏنوسين جنهن کان پوء پوليس جاچ ڪري ٻه جوابدار گرفتار ڪيا جن ۾ انهن چوري به قبول ڪئي پر اڃا تائين پوليس اسانجو چوري ٿيل سامان واپس ناهي ڪرايو۔ اسين مسڪين آھيون اسانجو الھ تلھ چور سڀ کڻي ويا آهن۔ پوليس گرفتار جوابدارن مان هڪ کي پئسن عيوض آزاد ڪري ڇڏيو آھي۔ اهو هاڻي روز  اسانکي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آھي۔ اسين اعلئ اختيارين ۽ ايس ايس پي دادو۔ ڊي آء جي حيدرآباد۔آء جي سنڌ کي اپيل ٿا ڪيون ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي اسان جي چوري واپس ڪرائي ڏني وڃي۔ ۽ جوابدار گرفتار ڪري انهن کي سزا ڏني وڃي.

Read Previous

راڻيپور جي سرڪاري اسپتال ڪالوني ۾ رهائشي وارڊ بواء لياقت سهتو جي گهر ۾ هٿياربند داخل

Read Next

خيرپور : اي ايس آءِ بلاول وساڻ ڊيوٽي کان واپس ايندي رات دير سان سندس ويگو گاڏي بجلي جي پوليس سان ٽڪرائجڻ سبب گاڏي سڙي رک ٿي وئي

Most Popular