خيرپور : اي ايس آءِ بلاول وساڻ ڊيوٽي کان واپس ايندي رات دير سان سندس ويگو گاڏي بجلي جي پوليس سان ٽڪرائجڻ سبب گاڏي سڙي رک ٿي وئي

خيرپور (رپورٽ: رانجهن شيخ  ) اڳوڻي صوبائي وزير  منظور حسين وساڻ جي ڀائيٽي،سنڌ جي وڏي وزير جو خاص معاون نواب علي خان جو ڀاڻيجو ۽ پوليس چوڪي لونگ فقير جي انچارج اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي ويگو گاڏي سان حادثو پيش، اي ايس آءِ بلاول وساڻ ڊيوٽي کان واپس ايندي رات دير سان سندس ويگو گاڏي بجلي جي پوليس سان ٽڪرائجڻ سبب گاڏي سڙي رک ٿي وئي، سڙيل ويگو مان بلاول وساڻ جو سڙيل لاش هٿ ڪرڻ ڪيو ويو آهي، اطلاع تي شاهه لطيف ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي سڙيل ويگو مان لاش کڻائي سول اسپتال خيرپور مان ضروري ڪاروائين بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي، فوتي بلاول وساڻ جي وارثن جو چوڻ آهي ته   حادثو پلاننگ تحت پيش آيو آهي ،بلاول وساڻ کي سازش تحت قتل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايس ايس پي خيرپور پاران بيان جاري ڪندي ڄاڻايو آهي ته بلاول وساڻ حادثي تي شڪ آهي، ايس ايس پي امير سعود مگسي جو چوڻ آهي، ته لاش جا سيمپل ورتا ويا آهن، ڊي اين اي ٽيسٽ ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان شفاف جاچ ڪري رهيا آهيون تمام جلد واقعي جون اصل حقيقتون عوام آڏو پيش ڪيون ويندون، ٻئي طرف اڳوڻي صوبائي وزير منظور حسين وساڻ، وڏي وزير جو خاص معاون نواب خان وساڻ، ايم پي اي منور علي وساڻ، اڳوڻي ضلعي چيئرمين شهريار وساڻ ، ايس ايس پي خيرپور سميت سياسي سماجي ،مذهبي اڳواڻن ڪوٽڏيجي ويجهو ڳوٺ نواب علي خان وساڻ پهچي مرحوم بلاول وساڻ جي جنازي  نماز ۾ شرڪت ڪئي، جنهن بعد مرحوم جو مڙهه سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويون، فوتي بلاول وساڻ جي وارثن سان ڳوٺ نواب وساڻ ۾ تعزيت جو سلسلو جاري آهي، آخري اطلاعن تائين وقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو، ذريعن موجب بلاو وساڻ ڪيس ۾ مشهور واپاري زاهد حسين راجپوت کي گرفتار ڪرڻ جو پڻ اطلاع پڻ آهن ٻڌايو پيو وڃي ته زاهد حسين راجپوت جو پٽ واقعي وقت بلاول وساڻ سان گڏ هيو جيڪو پڻ واقعي کانپوءِ گم آهي، جنهن ڪري پوليس شڪ جي بنياد تي زاهد راجپوت کي تحويل ۾ وٺي نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي،

Read Previous

ميهڙ : ڪجه ڏيهن اڳ احسان ٽائون جي رهواسي منظور گائنچو جي گهر مان چوري ٿي وئي هئي

Read Next

تعليم کاتي جي نااهلي سبب پرائمري اسڪول ڏانورو ۾ استادن جي کوٽ 20 سالن کان برقرار، 300 شاگرد تعليم جي زيور کان محروم بڻيل

Most Popular