راڻيپور جي سرڪاري اسپتال ڪالوني ۾ رهائشي وارڊ بواء لياقت سهتو جي گهر ۾ هٿياربند داخل

راڻيپور رپورٽر  راڻيپور جي سرڪاري اسپتال ڪالوني ۾ رهائشي وارڊ بواء لياقت سهتو جي گهر ۾ هٿياربند داخل مالڪن جي سجاڳ ٿيڻ تي فرار اسپتال عملي پاران احتجاج ڪيس داخل  رپورٽ موجب:راڻيپور جي سرڪاري اسپتال ڪالوني ۾ رهائشي وارڊ بواء لياقت سهتو جي گهر ۾ ڏوھ جي ارادي سان هٿياربند داخل ٿيا ته گهر ڌڻي سجاڳ ٿي پيا سندن مزاحمت تي جوابدار فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ويا اسپتال عملي پاران واقعي خلاف ايم ايس ڊاڪٽر قدم علي ڄامڙو ,ڊاڪٽر علي وساڻ,غلام اصغر ملاح ,دين محمد پتافي ,لياقت سهتو ۽ ٻين جي اڳواڻئ ۾ او پي ڊي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو انهئ موقعي تي هنن چيو ته اسپتال جي ڪالوني اندر رات جي اونداهي ۾ اهڙو واقعو پيش اچڻ مذمت جوڳو عمل آهي ۽ عملي کي معصوم ٻچن سميت تحفظ فراهم ڪري ۽ جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي هوڏانهن لياقت سهتي جي فرياد تي راڻيپور ٿاڻي ۾ گناه نمبر 121 2020 قلم 451,2 تحت صدام حسين سرڪي ۽ ٻه اڻسڃاتل سميت ٽن جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو جڏهن ته آخري اطلاعن تائين ڪنهن به جوابدار جي گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگهي آهي

Read Previous

ڳڙھي خيرو: جشن عيد ميلادالنبي صلي الله عليه وآله وسلم جي سلسلي ۾ جماعت اھلسنت جي سرڪار جو ميلاد ملايو ويو

Read Next

ميهڙ : ڪجه ڏيهن اڳ احسان ٽائون جي رهواسي منظور گائنچو جي گهر مان چوري ٿي وئي هئي

Most Popular