ڊپٽي ڊائريڪٽر لائئيو اسٽاڪ ائننمل هسبينڊري سانگهڙخلاف اجائي واويلا بند ڪئي وڃي

سانگھڑ( رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي) سپوا جو مرڪزي عزيز احمد سگهڙائي. تفصيل موجب سنڌ پيرا وٽرنري اسٽا ف ايسوسيئشن جي مرڪزي اڳواڻن مرزا وسيم اسلم مغل، ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڊپٽي ڊائريڪٽر لائئيو اسٽاڪ ائننمل هسبينڊري سانگهڙخلاف اجائي واويلا بند ڪئي وڃي ڊاڪٽر ايسرداس جن هڪ بهترين ۽ ايماندار آفيسر آھي اسان ان خلاف من گهڙت لفظن جي سخت مذمت ڪريون ٿا۔اسان جي تنظيم جو اصل مقصد سپوا جي آئين ۽ منشور جي خلاف ورزي ڪندڙ نام نهاد ٺڳن جي ٽولي جي رستا روڪ ڪرڻ۽ بي روزگار اسٽاڪ اسسٽنٽ جون ڀرتيون ڪرڻ ۽ اسٽاڪ اسسٽنٽ ڄي قانوني ڪم ڪرائڻ آھي۔ مفاد پرست ٽولو پنهنجي ذاتي مفادن خاطر سپوا جو پليٽ فارم استعمال ڪري دوستن جي زندگين جو سودو ڪري ڇڏيو آهي جيڪو عمل ناقابل برداشت آهي اهڙي عمل جي مذمت ڪريون ٿا هنن چيو ته جن هينئر تازو سانگھڙ ۾ احتجاج ڪندي اتان ڊپٽي ڊائريڪٽر مٿان بي بنياد الزام تراشي ڪري صرف ۽ صرف پنهنجي ذاتي مفادن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اجايو واويلا ڪرڻ شروع ڪئي آهي هنن چيو ته پاڻ کي اڻ رجسٽرڊ ايسوسيئشن جا عهديدار سڏائيندڙ هڪ نام نهاد ٺڳن جو ٽولو آهن جيڪي سپوا کي پنهنجي جاگير سمجھي رهيا آهن ۽ اهي سپوا کي بدنام ڪرڻ چاهين ٿا. هنن چيو ته سانگھڙ ضلعي سان تعلق رکندڙ پاڻ کي ايسوسيئشن جو صدر سڏائيندو رهي ٿو جيڪو سرڪاري ڊيوٽي تي هڪ به ڏينهن حاضر ناهي رهيو ۽ امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هنن چيو ته 6 مهينا اڳ ٿيل انڪوائري ۾ سموري ٽولي چوڪيدارن ۽ پٽيوالن خلاف ڪوڙيون شاهديون ڏئي غريبن کي ڦاسائي پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي هنن چيو ته مخالف ڌر وارن جو چوڻو پاڻي بند ٿيڻ جي ڪري مختلف بهانن سان مسلسل الزام تراشي ڪري بالا آفيسرن جي ساک کي متاثر ڪري رهيا آهن۔انهن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي۔

Read Previous

ڏوڪريءَ ۾ چيمبر آف ڪامرس جي سڏ تي جي يو آء شعيه علماء ڪائونسل جماعت اھل سنت پاڪستان سني تحريڪ ايس يو پي جسقم ۽ شاگردن سماجي توڙي شھرين

Read Next

ورلڊ ڪپ جو وڏو مقابلو: پاڪستان جو ڀارت خلاف ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو

Most Popular