پاڪستاني فلمون ۽ ڊراما عالمي معيار جا ناهن: مهوش حيات

پاڪستان جي ناليواري اداڪارا مهوش حيات چيو آهي ته پاڪستاني ڊراما ۽ فلمون عالمي معيار جا ناهن.

پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي مهوش حيات چيو ته پاڪستاني فلمون ۽ ڊراما اهڙا ناهن جو انهن کي عالمي سطح تي ڏيکاري مقبوليت حاصل ڪري سگهجي.

هن چيو ته پاڪستاني فلمون ۽ ڊراما گهريلو ليول جا هوندا آهن ۽ اهڙي مواد ۾ ڪا برائي به ناهي پر ان کي عالمي ليول جو مواد نٿو چئي سگهجي ۽ نه ئي ان کي عالمي سطح تي ڏيکاري سگهجي ٿو.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ شوبز جا آپشن محدود آهن، اداڪارائن کي ڊرامن ۽ فلمن ۾ يا ته روئيندڙ نُنهن جا ڪردار ملندا آهن يا وري بي وفائي جا ۽ اهو ئي سبب آهي جو مان اسڪرين کان پري ٿي وئي آهي.

Read Previous

داعش جي حملي ۾ سينيئر طالبان ڪمانڊر مارجي ويو

Read Next

تحريڪ لبيڪ سان گڏ ڪالعدم جو لفظ هٽائڻ جي سمري پنجاب جي وڏي وزير کي موڪلي وئي

Most Popular