”سياسي اشرافيا جي مدد سان سرڪاري زمين تي قابض لينڊ مافيا خلاف ايڪشن وٺنداسين“

عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سياسي اشرافيا جي مدد سان لينڊ مافيا ٻيلن سميت رياستي ايراضي تي قبضو ڪيو آهي، قبضو ڪيل سرڪاري ايراضي جي مجموعي ويليو 5 هزار 595 ارب رپيا آهي.

ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ ٻيلن جي ايراضي گهٽجڻ جو هڪ سبب زمين تي قبضو آهي، جڏهن اسان لينڊ ريڪارڊ کي ڊجيٽلائز ڪرڻ لاءِ ڪيڊيسٽريل ميپنگ ڪئي ته اهڙي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو، جهڙي مزاحمت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين خلاف به ڪئي پئي وڃي.

Read Previous

ڪامريڊ انور ملاح ۽ ان جي ڀائرن 36 ڏينهن به احتجاج ڪندي

Read Next

نيب پاڪستان جو ڪرپٽ ترين ادارو آهي: شاهد خاقان عباسي

Most Popular