پي ٽي آءِ تي پابندي جو جائزو ورتو پيو وڃي، خواجا آصف

وفاقي بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته تحريڪ انصاف تي پابندي جو جائزو ورتو پيو وڃي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ تي پابندي جو فيصلو ٿيو ته اهو پي ڊي ايم جو گڏيل فيصلو هوندو جنهن لاءِ پارليامينٽ سان رابطو ڪيو ويندو.

هن چيو ته 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث شرپسندن جا ناپاڪ ارادا هئا، عمران خان جي هر حڪمت عملي ناڪام ٿي، انهن جا ناپاڪ ارادا هئا جيڪي ڪنهن پاڪستاني نه پر ڀارتي جا ٿي سگهن ٿا.

خواجا آصف جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ رياست کي چئلينج ڪيو آهي، رياست جي بنياد تي حملو ڪيو ويو، اهو ڪهڙو ڏوهه آهي جو 9 مئي تي نه ٿيو.

ن ليگ اڳواڻ چيو ته عمران خان جي سمورن قدمن تي ڀارت ۾ جشن ملهايو ويو، ڀارت پاڪستان سان جيڪو نه ڪري سگهيو، عمران خان ڪيو.

سندس چوڻ آهي ته 9 اپريل کانپوءِ عمران خان جي سمورن قدمن کيس نقصان پهچايو آهي، اسان عمران خان کي نقصان نه پهچائي سگهيا آهيون، هن پنهنجي ئي عملن سبب نقصان پهچايو.

وفاقي وزير چيو ته 25 مئي کي شهيدن جو ڏهاڙو ملهايو ويندو، سڄي دنيا جا ماڻهو پنهنجي شهيدن کي عزت ڏيندا آهن، عمران خان چوي ٿو ته کيس 9 مئي جي واقعن جي خبر نه هئي، هو هاڻي چئي چڪو آهي ته جيڪڏهن کين ٻيهر گرفتار ڪيو ويو ته پوءِ. ، اتي وري هڪ ردعمل ٿيندو.

Read Previous

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسد عمر کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Read Next

جي ايڇ ڪيو حملو: پي ٽي آءِ عورت ونگ جي مبينا آڊيو سامهون اچي وئي

Most Popular