پارليامينٽ جي اندروني ڪارروائي ۾ عدليه جي مسلسل مداخلت افسوسناڪ آهي: رضا رباني

پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته پارليامينٽ جي اندروني ڪارروائي ۾ عدليه جي مسلسل مداخلت افسوسناڪ آهي.

هڪ بيان ۾ رضا رباني چيو ته قومي اسيمبلي جي آڊيو ليڪس جاچ ڪميٽي جو ڪم روڪڻ جو عدالتي فيصلو آئين جي ڀڃڪڙي آهي.

هن چيو ته آرٽيڪل 69 تحت عدالت پارليامينٽ جي ڪارروائي جي جاچ نٿي ڪري سگهي، پارلياماني ڪميٽي جي ڪارروائي ۾ مداخلت يا جاچ نٿي ٿي سگهي.

رضا رباني جو چوڻ آهي ته پارلياماني ڪميٽي پارليامينٽ جي توسيع آهي، ان ڪري ان کي استثنيٰ حاصل آهي، ان حوالي سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين جا ڪيترائي حڪم آهن.

سينيٽر رضا رباني چيو ته هي آئين ۾ ڏنل اختيارن جي ڀڃڪڙي آهي، هر ادارو پنهنجي آئيني دائري ۾ رهي ته جيئن وفاقي پارلياماني جمهوريت ڪم ڪندي رهي.

Read Previous

حڪومت پاران بجيٽ کان فوري پوءِ ايندڙ پروگرام لاءِ آءِ ايم ايف سان ڳالهين جو فيصلو

Read Next

يو اي اي آمريڪا جي قيادت ۾ اتحاد سان ڪم ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو

Most Popular