مان سياست ۾ ڪڏهن به نه ويندس، منوج باجپائي

بالي ووڊ جي مشهور اداڪار منوج باجپائي چيو آهي ته هو ڪڏهن به سياست ۾ نه ايندو.

ڀارت ۾ بالي ووڊ جي شخصيتن جو سياست ۾ اچڻ هڪ عام ڳالهه ٿي وئي آهي، اهو ئي سبب آهي ته هر گذرندڙ ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن بالي ووڊ اسٽار جي سياست ۾ اچڻ جون خبرون گردش ڪري رهيون آهن.

هڪ انٽرويو دوران منوج باجپائي چيو ته سندس سياست ۾ اچڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.

ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي منوج چيو ته آخري ڀيرو جڏهن مان رياست بهار جو دورو ڪيو هو ته مون سينيئر سياستدان لالو پرساد ياديو ۽ سندس پٽ تيجاشوي ياديو سان ملاقات ڪئي هئي. ان وقت کان وٺي ماڻهو گمان ڪرڻ لڳا ته مان سياست ۾ اچڻ وارو آهيان.

نيشنل ايوارڊ کٽيندڙ اداڪار چيو ته مون کي 200 سيڪڙو يقين آهي ته مان ڪڏهن به سياست ۾ نه ايندس.

بهار جي رياست ۾ فلم پاليسي بابت هڪ سوال جي جواب ۾ منوج باجپائي چيو ته رياستي حڪومت کي فوري طور تي هڪ نئين فلم پاليسي متعارف ڪرائڻ گهرجي، جيڪا رياست ۾ فنڪار کي پنهنجون صلاحيتون ڏيکارڻ ۾ مدد ڪندي.

Read Previous

پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

Read Next

آسٽريليا روسي سفارتخاني جي تعمير کي روڪڻ لاء قانون پاس ڪري ورتو

Most Popular