عاليا ڀٽ جي هالي ووڊ ڊيبيو تي مهيش ڀٽ جو رد عمل

بالي ووڊ هدايتڪار مهيش ڀٽ پنهنجي ڌيءَ اداڪارا عاليا ڀٽ جي هالي ووڊ ڊيبيو تي رد عمل ظاهر ڪيو آهي.

مهيش ڀٽ پنهنجي ڌيءَ عاليه ڀٽ جي پهرين هالي ووڊ فلم ”هارٽ آف اسٽون“ جو ٽريلر ڏسي فخر جو اظهار ڪيو آهي.

هن چيو ته جڏهن مون عاليه کي بين الاقوامي اداڪارن جهڙوڪ گال گڊٽ ۽ جيمي ڊورنن جي اڳيان بيٺل ڏٺو ته مون کي ڏاڍو فخر ٿيو.

هن وڌيڪ چيو ته جڏهن بين الاقوامي سطح تي ٽيلنٽ جي ڳالهه ٿئي ٿي ته اسان جا اڄ جا نوجوان ڪنهن به ريت پاڻ کي گهٽ محسوس نٿا ڪن.

مهيش ڀٽ پنهنجي ڌيءَ جي تعريف ڪندي چيو ته اعتماد هڪ اهڙي شيءِ آهي جيڪا قوم لاءِ اهم آهي ۽ عاليا ڏاڍي پراعتماد آهي.

ياد رهي ته فلم ’هارٽ آف اسٽون‘ اڃا رليز نه ٿي آهي، پر عاليا ڀٽ کي ٽريلر رليز ٿيڻ کانپوءِ ئي ساراهه ملڻ شروع ٿي وئي آهي.

Read Previous

دپيڪا ۽ رنوير به باندرا ۾ رهائش گاهه قائم ڪندا

Read Next

سهانا خان 12 ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت جو گهر ۽ زرعي زمين خريد ڪري ورتي

Most Popular