سهانا خان 12 ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت جو گهر ۽ زرعي زمين خريد ڪري ورتي

بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي ڌيءَ سهانا خان 12.91 ڪروڙ رپين جو شاندار گهر ۽ 1.5 ايڪڙ زرعي زمين خريد ڪري ورتي آهي.

شاهه رخ خان ۽ سندس زال گوري خان جي ڌيءَ سوهانا خان انڊسٽري جي مشهور ترين ٻارن مان هڪ آهي.

23 سالن جي سهانا خان پنهنجي ڪيريئر جي باضابطه شروعات ڪري ڇڏي آهي ۽ هن وقت پنهنجي پهرين نيٽ فلڪس فلم ”دي آرچيز“ جي ڪري خبرن ۾ آهي.

سهانا خان هڪ مشهور خوبصورتي برانڊ جي سفير پڻ آهي.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سهانا خان پروفيشنل محاذ تي ڏينهن ۾ ٻيڻو ۽ رات جو چوگني ترقي ڪري رهي آهي.

ٻئي طرف ”فري پريس جرنل“ جي تازي رپورٽ موجب شاهه رخ خان جي ڌيءَ سهانا خان تازو ئي ٽن عاليشان گهرن جي مالڪ بڻجي وئي آهي.

سهانا خان علي باغ ۾ 12.91 ڪروڙ روپين ۾ ٽي لگزري گهر ۽ 1.5 ايڪڙ زرعي زمين خريد ڪئي آهي.

Read Previous

عاليا ڀٽ جي هالي ووڊ ڊيبيو تي مهيش ڀٽ جو رد عمل

Read Next

ورلڊ ڪپ ڪواليفائر: سريلنڪا عمان کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

Most Popular