افغانستان ۾ فتح کانپوءِ نسيم شاهه جو ردعمل سامهون اچي ويو

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر نسيم شاهه گذريل ڏينهن افغانستان کي ٻي ون ڊي ميچ ۾ شڪست ڏيڻ کانپوءِ پهرين پوسٽ شيئر ڪئي آهي.

نسيم شاهه پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ تصوير شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ کيس حارث رئوف سان گڏ کٽڻ کانپوءِ خوشي ٿيندي ڏسي سگهجي ٿو.

ان پوسٽ جي ڪيپشن ۾ فاسٽ بالر نسيم شاهه پنهنجي ڪارڪردگي کي شاداب خان ۽ قومي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ وقف ڪندي لکيو ته ”هي فتح پاڪستان جي سمورن ڪرڪيٽ مداحن لاءِ آهي.

هن پنهنجي پوسٽ جي آخر ۾ ڪرڪيٽر امام الحق جي به تعريف ڪئي آهي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن افغانستان جو پاڪستان خلاف ون ڊي ميچ کٽڻ جو خواب هڪ ڀيرو ٻيهر اڀريو هو.

Read Previous

ثقلين مشتاق پاران شاداب خان جي ڪارڪردگي جي واکاڻ

Read Next

پاڪستان ۽ آمريڪا لاڳاپن کي 75 سال مڪمل، يادگاري سڪو جاري

Most Popular