ثقلين مشتاق پاران شاداب خان جي ڪارڪردگي جي واکاڻ

اڳوڻي پاڪستاني ڪرڪيٽر ثقلين مشتاق پنهنجي ناٺي شاداب خان جي ساراهه ڪئي آهي.

ثقلين مشتاق سوشل ميڊيا تي شاداب خان جي تصوير شيئر ڪندي کيس بهترين فيلڊر قرار ڏنو.

ان کان اڳ افغانستان خلاف پهرئين ون ڊي ميچ ۾ شاندار ڪيچ وٺڻ کانپوءِ شاداب خان ٽوئيٽر (ايڪس) تي ڪيچ جي وڊيو پوسٽ ڪئي ۽ ظاهري طور تي ڪپتان بابر اعظم کي پيغام موڪليو، جنهن ۾ لکيو ته ”پوڙهو ناهيان ٿيو اڃا آئون“.

پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي بالر فاطمه ثنا به شاداب خان جي ٽوئيٽ جو جواب ڏنو.

Read Previous

نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي مقرري خلاف درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار

Read Next

افغانستان ۾ فتح کانپوءِ نسيم شاهه جو ردعمل سامهون اچي ويو

Most Popular