بشريٰ بي بي جي ڪيسن جو رڪارڊ ڏيڻ واري درخواست تي ڌرين کان جواب طلب

لاهور هاءِ ڪورٽ ڪيسن جو رڪارڊ ڏيڻ جي لاءِ بشريٰ بي بي جي درخواست تي ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي جي خلاف داخل ڪيسن ۽ انڪوائري جو رڪارڊ ڏيڻ جي لاءِ داخل درخواست تي جسٽس عاليه نيلم ٻڌڻي ڪئي. درخواست ۾ وفاق، نيب، ايف آءِ اي ۽ پوليس سميت ٻين کي ڌر بنايو ويو آهي.

بشريٰ بي بي طرفان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نيب، ايف آءِ اي، پنجاب پوليس سميت ٻين ادارن بي بنياد ۽ قانون جي خلاف ڪيس داخل ڪري رکيا آهن. مڙس کان پوءِ هاڻ مون کي به سياسي انتقام جو نشانو بنايو پيو وڃي.

درخواستگذار طرفان استدعا ڪئي وئي ته جون 2022 کان هينئر تائين جي داخل ڪيسن، انڪوائريز، انويسٽيگيشن جا تفصيل ڏنا وڃن. عدالت ڪيسن جا تفصيل ڏيڻ تائين ڪنهن به ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ کان روڪي. عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن ۽ سرڪاري وڪيل کي هڪ هفتي جي مهلت ڏيندي جواب طلب ڪري ورتو.

Read Previous

ڪرينا کي فلم “ڪهو نا پيار هي” مان نيڪالي ملي هئي: اميشا

Read Next

سپريم ڪورٽ پرويز مشرف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي

Most Popular