سپريم ڪورٽ پاران شهيد بينظير ڀٽو جي حڪومت ڪيرائڻ واري سازش ۾ ملوث فوجي آفيسرز جون سزائون برقرار

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ پاران شهيد بينظير ڀٽو جي حڪومت ڪيرائڻ واري سازش ۾ ملوث فوجي آفيسرز جون سزائون برقرار، جسٽس منيب اختر 15 فيبروري تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي

ڪرنل رٽائرڊ آزاد منهاس ۽ ڪرنل رٽائرڊ عنايت الله جون سزائن خلاف اپيلون خارج، ٻنهي اڳوڻن فوجي آفيسرن خلاف 1995 ۾ بينظير ڀٽو جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش جي الزام هيٺ ڪارروائي ڪئي وئي هئي

فيلڊ ڪورٽ مارشل آزاد منهاس کي سخت پورهئي سان 2 سال ۽ عنايت الله کي 4 سال قيد ۽ برطرفي جي سزا ٻڌائي هئي، لاهور هاءِ ڪورٽ مان سزائن خلاف درخواستون رد ٿيڻ بعد درخواست گذارن 2016 ۾ سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪيو هو

سپريم ڪورٽ 15 فيبروري تي سزائن خلاف اپيلن تي فيصلو محفوظ ڪيو هو

Read Previous

بلديه فيڪٽري کي باهه ڏيڻ واري سانحي ۾ سزا ٻڌايل ساٿين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: ايم ڪيو ايم اڳواڻ

Read Next

امريڪي هٿيار سنڌ جي ڌاڙيلن وٽ ڪيئن آيا؟ بلاول

Most Popular