شاهنواز ڏاهاڻي ۽ زمان خان سڀاڻي ڪولمبو پهچندا

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جا فاسٽ بالر شاهنواز دستي ۽ زمان خان سڀاڻي ڪولمبو پهچندا.

ذريعن موجب فاسٽ بالر حارث رئوف ۽ نسيم شاهه مڪمل فٽ نه ٿيڻ جي صورت ۾ شاهنواز دستي ۽ زمان خان کي متبادل طور ٽيم ۾ شامل ڪيو ويندو.

ٻنهي رانديگرن کي متبادل طور شامل ڪرڻ جي درخواست پي سي بي پاران اڄ اي سي سي جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي کي موڪلي ويندي.

ٻئي طرف پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو ميڊيڪل پينل نسيم شاهه ۽ حارث رئوف جي زخمن جو معائنو ڪري رهيو آهي.

Read Previous

سوشل ميڊيا تي ڪنهن کي به ڪجهه به چئي سگهجي ٿو، بشرا انصاري

Read Next

ڪينيڊا، جسٽن ٽروڊو جي مقبوليت ۾ گهٽتائي، پيئر پوليور مقبول ٿي ويو

Most Popular