جڏهن عمران خان نيب قانون تبديل ڪيا ان وقت بنديال ڪٿي هو: شهباز شريف

اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف نيب ترميم تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته عدالت هڪ ڊڪٽيٽر جي ٺاهيل قانون کي بحال ڪيو آهي.

لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي شهباز شريف چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين پنهنجي دور ۾ مخالفن کي اين آر او ڏيڻ لاءِ ٻيهر نيب جا قانون تبديل ڪري چڪو آهي. هن چيو ته جڏهن عمران خان صدارتي حڪم نامي ذريعي پنهنجن ساٿين کي اين آر او ڏيڻ جي لاءِ نيب قانون تبديل ڪيا هئا ان وقت بنديال ڪٿي هو؟ ان وقت هن اهڙي طرح ڇو ايڪٽ نه ڪيو هو؟ آرڊيننس ته چئن مهينن جي لاءِ هو ۽ عمران خان جي اسپانسرز ان مان فائدو کنيو هو، اهو نيب نيازي ڳٺ جوڙ جي زنده مثال هئي.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته (ن) ليگ جي قانوني ٽيم نوازشريف کي پاڪستان واپسي لاءِ ڪليئرنس ڏئي ڇڏي آهي ان جي ملڪ واپسي جي رستي ۾ هاڻ ڪابه پريشاني نه آهي. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته نوازشريف پنهنجي ڪيسن ۾ نيب ترميم جو سهارو نه ورتو هو. هو 21 آڪٽوبر تي پاڪستان پهچي ويندو.

ياد رهي ته لنڊن ۾ مسلم ليگ(ن) جي قيادت جي اهم گڏجاڻي ۾(ن) ليگ جي قانوني ٽيم نوازشريف جي ملڪ واپسي جو ڪليئرنس ڏئي ڇڏيو آهي. قانوني ٽيم چيو آهي ته نوازشريف کي پاڪستان واپسي تي ڪيسن ۾ قانوني مونجهارن تي ڪابه پريشاني نه آهي. ذريعن موجب(ن) ليگ جي قانوني ٽيم نوازشريف جي پاڪستان واپسي لاءِ لائحه عمل تيار ڪري ورتو آهي.

ياد رهي ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف 21 آڪٽوبر تي پاڪستان واپس پهچندو ۽ (ن) ليگ طرفان ان جو پرجوش استقبال ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

Read Previous

پي آءِ اي جو فضائي آپريشن بحال: ناڻي واري وزير خسارو برداشت ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

Read Next

ڪراچي: برنس روڊ تي ڏوهارين جي ڦرلٽ، ڪار سوار جي فائرنگ ۾ 2 ڦورو مارجي ويا

Most Popular