برطانيا ۾ سگريٽ تي پابندي جو امڪان

برطانوي وزيراعظم رشي سونڪ ملڪ ۾ سگريٽ نوشي تي پابندي لڳائڻ جو امڪان آهي.

برطانوي اخبار موجب وزيراعظم رشي سونڪ اهڙا قدم متعارف ڪرائڻ تي غور ڪري رهيو آهي جنهن سان ايندڙ نسلن کي سگريٽ خريد ڪرڻ تي پابندي لڳائي ويندي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم تمباکو نوشي خلاف قدمن تي غور ڪري رهيو آهي جيئن گذريل سال نيوزيلينڊ پاران اعلان ڪيو ويو هو، جنهن تحت 1 جنوري 2009 تي يا ان کان پوءِ پيدا ٿيل هر ڪنهن کي تمباکو وڪڻڻ تي پابندي لڳائي وئي هئي.

پرڏيهي ميڊيا موجب، غور هيٺ آيل پاليسيون ايندڙ سال متوقع چونڊن کان اڳ نئين صارفين تي ڌيان ڏيڻ واري مهم جو حصو آهن.

Read Previous

آمريڪا ڪئناڊا جي ڀيٽ ۾ ڀارت جي ئي چونڊ ڪندو؛ مائيڪل روبن

Read Next

پاڪستان ٿيٽر فيسٽيول جي 15هين ڏينهن تي ٽريجيڊي ٿيٽر ڊرامو ”برسات“ سنڌي ٻولي ۾ پيش

Most Popular