پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم اڄ دبئي کان ڀارت پهچندي

ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جا رانديگر اڄ ڀارت پهچندا.

آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ قومي ڪرڪيٽ اسڪواڊ گذريل رات لاهور ايئرپورٽ تان دبئي روانو ٿي ويو.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم هن وقت دبئي ۾ آهي ۽ شام 4 وڳي ڀارتي شهر حيدرآباد دکن لاءِ رواني ٿيندي.

پاڪستاني ٽيم پاڪستاني وقت موجب رات 8 وڳي ڀارتي شهر حيدرآباد دکن پهچندي.

Read Previous

پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي پاڪستان تي حملن لاءِ افغانستان جي زمين استعمال ڪندي آهي: منير اڪرم

Read Next

پاڪستاني ٽيم جي آمد کان اڳ ئي پاڪستاني مداح ڀارت پهچڻ شروع

Most Popular