پاڪستان جي صدر سان انڊونيشيا جي عهدو ڇڏيندڙ سفير جي ملاقات،ٻه طرفو لاڳاپن تي ڳالهيون

اسلام آباد : پاڪستان جو صدر عارف علوي سان انڊونيشيا
جي عهدو ڇڏيندڙ سفير ايڊم ملاور من ٽوگيو ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ٻنهي
ملڪن کي اڃان وڌيڪ ويجهو آڻڻ لاءِ انڊونيشيا سان واپار،
سيڙپڪاري، واپار اقتصادي ثقافتي ۽ سياسي لاڳاپا اڃان وڌيڪ مضبوط
ڪرڻ تي زور ڏنو ويو. صدر چيو ته پاڪستان انڊونيشيا سان پنهنجن
ويجهن دوستاڻن ڀائراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چيو
ته واپار سيڙپڪاري ۽اقتصادي سهڪار وڌائڻ پاڪستان ۽ انڊونيشيا

جي وچ ۾ ٻه طرفو لاڳاپن جو اهم عنصر آهي. هن چيو ته پاڪستان
واپار ثقافت سياحت ۽ عوامي رابطي جي شعبن ۾ تعاون کي اڃان
وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته انڊونيشيا
پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا تلاش ڪن، سيڙپڪار پاليسين مان
فائدو وٺن، هن چيو ته پاڪستان ۾ انڊونيشيا وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا اڃان
وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ بهتر سياسي ۽ ثقافتي ڏي وٺ ۾ اضافو اڻٽڙ آهي.
انڊونيشين سفير چيو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا کي ٻه طرفو لاڳاپا وڌيڪ
وڌائڻ لاءِ واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي هٿي وٺرائڻ گهرجي.
هنچيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سڌي طرح اڏامون کولڻ جو پلان جوڙي
رهيا آهيون. جيڪو ٻنهي برادر ملڪن کي اڃان وڌيڪ ويجهو آڻيندو.
سفير چيو ته پاڪستاني شاگرد انڊونيشيا وضيفا حاصل ڪندڙن ۾ شامل
آهن.

Read Previous

آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) گئس اگهن ۾ واڌ جونوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

Read Next

سائفر ڪيس جي جيل ۾ ٻڌڻي روڪڻ جو حڪم

Most Popular