سائفر ڪيس جي جيل ۾ ٻڌڻي روڪڻ جو حڪم

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف سائيفر ڪيس جي اڊيالا جيل ۾ ٻڌڻي روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، پي ٽي آءِ چيئرمين جي اپيل تي سائيفر ڪيس جي جيل اندر ٻڌڻي تي اسٽي آرڊر جاري

 جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب رمارڪس ۾ چيو ته ڪيترائي سوال آهن جن جا جواب ڏيڻ جي ضرورت آهي، وفاقي ڪابينا 2 ڏينهن اڳ جيل ٽرائل جي منظوري ڏني

ڪهڙا سبب آهن جو وفاقي ڪابينا جيل ٽرائل جي منظوري ڏني؟ سڀ کان وڌيڪ اهم سوال اهو آهي ته منظوري کان اڳ ٿيل عدالتي ڪارروائي جو اسٽيٽس ڇا هوندو؟

 اٽارني جنرل چيو ته وفاقي ڪابينا جي جيل ٽرائل جي منظوري ڏيڻ وارو نوٽيفڪيشن پيش ڪنداسين، هي غير معمولي ٽرائل نه پر رڳو جيل ٽرائل آهي

 جسٽس ميان گل حسن چيو ته اسان ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته اهڙيون ڪهڙيون غير معمولي حالتون هيون جو هي ٽرائل ائين هلايو پيو وڃي

اٽارني جنرل چيو ته مان سمورن ادارن کان ريڪارڊ وٺي عدالت آڏو پيش ڪندس، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز تي ٻڌل بينچ ايندڙ ٻڌڻي تي واڳيل رڪارڊ طلب ڪري ورتو، ٻڌڻي 16 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي

Read Previous

پاڪستان جي صدر سان انڊونيشيا جي عهدو ڇڏيندڙ سفير جي ملاقات،ٻه طرفو لاڳاپن تي ڳالهيون

Read Next

تنقيد ٿيندي آهي ته پيپلز پارٽي ڊليور نٿي ڪري سگهي: بلاول

Most Popular