ناصر حسين شاهه کي سڌ سماءَ واري وزارت ڏيڻ جو فيصلو

ناصر حسين شاهه کي سڌ سماءَ واري وزارت، شرجيل ميمڻ کي ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ ڄام خان شورو کي آبپاشي جي وزارت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

عذرا پيچوهو کي صحت، حاجي علي حسن زرداري کي جيل کاتو ۽ سعيد غني کي مڪاني ادارا ۽ پبلڪ هيلٿ ڏيڻ جو فيصلو، ذريعن موجب ضياءَ لنجار کي قانون، سردار شاهه کي تعليم ۽ معدنيات جا کاتا ڏيڻ جو فيصلو، ذوالفقار شاهه کي ثقافت کاتي جو قلمدان ڏنو ويندو

پيپلزپارٽي جي قيادت سنڌ ڪابينا جوڙڻ لاءِ پهرين مرحلي ۾ 10 نالن جي منظوري ڏئي ڇڏي، اڄ ئي 10 رڪني ڪابينا جي حلف کڻڻ جا امڪان آهن

 ذريعن موجب سنڌ ڪابينا ۾ شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه، سعيد غني ۽ عذرا فضل پيچوهو شامل هوندا

 سردار شاهه محمد بخش مهر، ضياءَ لنجار، علي حسن زرداري، ڄام خان شورو ۽ ذوالفقار شاهه به ڪابينا جو حصو هوندا، ذريعن موجب اڄ شام گورنر هائوس ڪراچي ۾ 10 رڪني سنڌ ڪابينا حلف کڻندي، گورنر ڪامران ٽسوري ڪابينا ميمبرز کي حلف کڻائيندو

Read Previous

منهنجو گهر تباهه ڪيو ويو، ٻار مصيبت ۾ آهن، مجبور ٿي عدالت اچڻو پيو: خاور مانيڪا

Read Next

آصف حيدر شاهه هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جو چيف سيڪريٽري مقرر، نوٽيفڪيشن جاري

Most Popular