اليڪشن ڪميشن خيبر پختونخواهه جي مخصوص سيٽن تي حلف نه کڻڻ خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

اليڪشن ڪميشن خيبر پختونخواهه جي مخصوص سيٽن تي حلف نه کڻڻ خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 5 رڪني ڪميشن ٻڌڻي هلائي

سيڪريٽري ڪي پي اسيمبلي ۽ درخواست گذار عورتون پيش ٿيون، درخواست گذارن جي وڪيل خاور شاهه خاور دليل ڏيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن 4 مارچ تي اسيمبلي جي عورت ميمبرز جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا هئا، اسپيڪر کي اجلاس ڪوٺائي ميمبرز کي حلف کڻائڻ گهرجي ها، جيستائين حلف نه کنيو وڃي تيستائين ڪي پي ۾ سينيٽ چونڊون ملتوي ڪيون وڃن

چيف اليڪشن ڪمشنر پڇيو ته اليڪشن ڪميشن اسپيڪر کي ڪيئن هدايتون جاري ڪري سگهي ٿي؟ وڪيل شاهه خاور چيو ته اليڪشن ايڪٽ اليڪشن ڪميشن کي اجلاس سڏائڻ جو اختيار ڏئي ٿو، اليڪشن ڪميشن ۾ ڪي پي جي ميمبر چيو ته اسان جي ڳالهه نه مڃي وئي ته توهين عدالت جي ڪارروائي ڪري سگهون ٿا، اليڪشن ڪميشن درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

Read Previous

پيپلزپارٽي خيبر پختونخواهه مان جي يو آءِ ف جي وڏي وڪيٽ ڪيرائي وڌي

Read Next

صدر آصف علي زرداري پهرين اپريل تي سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪري ورتو

Most Popular