پيپلزپارٽي خيبر پختونخواهه مان جي يو آءِ ف جي وڏي وڪيٽ ڪيرائي وڌي

پيپلزپارٽي خيبر پختونخواهه مان جي يو آءِ ف جي وڏي وڪيٽ ڪيرائي وڌي، سينيٽر طلحه محمود پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي ويو

اسلام آباد ۾ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران سينيٽر طلحه محمود پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، طلحه محمود چيو ته هفتو اڳ صدر آصف علي زرداري ملاقات دوران پارٽي ۾ شموليت جي دعوت ڏني هئي

پيپلزپارٽي جي قيادت ئي ملڪ کي بحرانن مان ڪڍي سگهي ٿي، پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته خيبر پختونخواهه مان ٻيا ماڻهو به رابطي ۾ آهن، ڪي پي مان جلد ٻيا ماڻهو به پارٽي ۾ شامل ٿيندا، خيبر پختونخواهه ۾ سينيٽ جي چونڊن دوران سرپرائيز ڏينداسين

Read Previous

وزيراعظم پاران ٽئڪس چورن خلاف هنگامي اپاءَ وٺڻ جو فيصلو

Read Next

اليڪشن ڪميشن خيبر پختونخواهه جي مخصوص سيٽن تي حلف نه کڻڻ خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

Most Popular