سڄي دنيا ۾ روزاني هڪ ارب ماڻهن جي پيٽ ڀرڻ جيتري خوراڪ ضايع ٿيڻ جو انڪشاف

نيويارڪ: (خميس: 28 مارچ 2024ع) سڄي دنيا ۾ روزاني  وڏي تعداد ۾ خوراڪ ضايع ڪئي ويندي آهي جيڪا هڪ ارب کان وڌيڪ ماڻهن جي پيٽ ڀرڻ لاءِ ڪافي آهي.

ايتري وڏي تعداد ۾ خوراڪ ان وقت ضايع ڪئي پئي وڃي جڏهن سڄي دنيا ۾ 73 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو بُک کي منهن ڏئي رهيا آهن.

گڏيل قومن طرفان جاري ڪيل رپورٽ موجب سڄي دنيا ۾ لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو خوراڪ ضايع ڪئي پئي وڃي. اهو سڀ ڪجهه ناقص منصوبه بندي جي ڪري ٿي رهيو آهي. جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن وٽ فرج نه هجڻ سبب ايتري وڏي تعداد ۾ خوراڪ پڻ ضايع ٿي رهي آهي.

يو اين فوڊ ويسٽ انڊيڪس نالي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ضايع ڪيل خوراڪ جي سالياني ماليت هڪ هزار ارب ڊالر هوندي آهي. رپورٽ موجب هر سال هڪ ارب ٽن خوراڪ ضايع ڪئي وڃي جنهن جو 60 سيڪڙو حصو گهرن آڏو اڇليو ويندو آهي. فوڊ سروسز 28 سيڪڙو جڏهن ته ريٽيل سيڪٽر ۾ 12 سيڪڙو خوراڪ جو نقصان ٿيندو آهي. جنهن ۾ فصلن ۾ پوکيل ڀاڄيون مارڪيٽ تائين پهچائڻ جي عمل دوران ضايع ٿيندڙ 13 سيڪڙو خوراڪ شامل نه آهي.

رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته اهو نه صرف قدرتي وسيلن جو نقصان آهي پر ان سان موسمياتي ۽ حياتياتي بحرانن ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي. ڇو ته زهريلي گيسن جي اخراج ۾ اضافو ٿئي رهيو آهي.

گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام جي ڊائريڪٽر انگر اينڊرسن اها رپورٽ تيار ڪئي آهي. هن ٻڌايو ته خوراڪ جو ضايع ٿيڻ هڪ عالمي الميو آهي ۽ اها به هڪ حقيقت آهي ته هڪ ارب کان وڌيڪ ماڻهو خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته سڄي دنيا ۾ وڏي تعداد ۾ خوراڪ ضايع ٿي رهي آهي، جڏهن ته ڪروڙين ماڻهو بک تي سمهڻ تي مجبور آهن. اهو نه صرف هڪ وڏو مسئلو آهي پر انهي خوراڪ جو غير ضروري ضايع ٿيڻ سان ماحوليات ۽ قدرت کي به نقصان پهچي رهيو آهي.

رپورٽ موجب سڄي دنيا ۾ هر هڪ ماڻهو ساليانو 79 ڪلو گرام خوراڪ کي ضايع ڪندو آهي پر ڪجهه ملڪ جيئن برطانيه، آسٽريليا، انڊونيشيا، ميڪسيڪو ۽ ڏکڻ آفريقا ۾ انهي جي روڪٿام لاءِ ڪافي ڪم ٿيو آهي. جاپان به خوراڪ جي ضايع ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي ڪافي حد تائين ڪنٽرول ڪري ورتو آهي.

Read Previous

رويت هلال ڪميٽي جي چيئرمين عيدالفطر 10 اپريل اربع تي ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو

Read Next

مقامي ذخيرا گهٽ هجڻ ۽ خرچ وڌڻ سان گيس جي قيمتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي: سوئي ناردرن

Most Popular