مقامي ذخيرا گهٽ هجڻ ۽ خرچ وڌڻ سان گيس جي قيمتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي: سوئي ناردرن

اسلام آباد: (خميس: 28 مارچ 2024ع) گيس جي قيمتن ۾ ٽيون ڀيرو اضافي جي خبرن جي حوالي سان سوئي ناردرن چيو آهي ته گيس جي قيمت ۾ اضافو 3 سببن جي آڌار تي ٿي رهيو آهي.

سوئي نادرن چيو آهي ته گيس جا مقامي ذخيرا لاڳيتو گهٽ ٿي رهيا آهن جنهن سبب گهريلو شعبي خاص طور تي سياري جي موسم ۾ آر ايل اين جي فراهمي ضروري ٿي وئي آهي. آر ايل اين جي قيمت تقريبن 3.500 روپيه في ايم ايم بي ٽي ٽو جڏهن ته گهريلو شعبي جي اوسط قيمت وڪرو تقريبن  1.100 روپيه آهي. اهڙي بنيادي تي 231 روپين جو فرق اچي ويو آهي جنهن جي ڪري گيس جي قيمتن ۾ اضافو ضروري آهي.

ان کان علاوه مقامي گيس جي خرچن ۾ به 69 ارب روپين تائين جو اضافو ٿي چڪو آهي. ٻئي طرف گذريل ٻن سالن دوران پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ 55 سيڪڙو تائين گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته گيس جي قيمتن  ۾ تازي اضافي جي باوجود پروٽيگٽڊ ڪيٽيگري جي گهريلو صارفين جي لاءِ گيس جي قيمت 513 روپيه في ايم ايم بي ٽي يو جيڪا ان جي خريد قيمت يعني 1.674 روپيه في ايم ايم بي ٽو يو کان به گهٽ آهي.

Read Previous

سڄي دنيا ۾ روزاني هڪ ارب ماڻهن جي پيٽ ڀرڻ جيتري خوراڪ ضايع ٿيڻ جو انڪشاف

Read Next

9 مئي ڪيس: آزادي ماڻيندڙ 13 پي ٽي آءِ ڪارڪن اڊيالا جيل ٻاهران ٻيهر گرفتار

Most Popular