9 مئي ڪيس: آزادي ماڻيندڙ 13 پي ٽي آءِ ڪارڪن اڊيالا جيل ٻاهران ٻيهر گرفتار

راولپنڊي: (خميس: 28 مارچ 2024ع) 9 مئي ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ جي 13 ڪارڪنن کي آزادي ماڻڻ کان پوءِ راولپنڊي پوليس ٻيهر گرفتار ڪري ورتو آهي.

پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي راولپنڊي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ضمانت منظور ٿيڻ تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو هو. آزادي ماڻڻ کان پوءِ ڪارڪنن کي اڊيالا جيل جي گيٽ 3 نمبر کان ٻاهران گرفتار ڪيو ويو.

پوليس موجب جوابدارن کي 16 ايم پي او حڪمن جي تحت گرفتار ڪيو ويو. ايم پي او جا حڪم راولپنڊي جي ڊپٽي ڪمشنر جاري ڪيا هئا. جوابدارن حساس اداري جي آفيس جي گيٽ تي حملي جي ڪيس ۾ نامزد آهن. جن ۾ اسد، ابرار، رضوان، احمد علي، سجاد، آصف، رضوان ۽ سهيل شامل آهن.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ 5 جڏهن ته دهشتگردي جي انت واري عدالت 19 جوابدارن جي ضمانت منظور ڪئي هئي.

Read Previous

مقامي ذخيرا گهٽ هجڻ ۽ خرچ وڌڻ سان گيس جي قيمتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي: سوئي ناردرن

Read Next

ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اقليتن سميت سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو: آصف زرداري

Most Popular