سنجهورو ۾ زهريلو پاڻي واپرائڻ سبب 5 ٻار فوت ٿيڻ وارو مامرو: اسلام آباد اماڻيل پاڻيءَ جي سيمپلز جي رپورٽ اڃا پڌري نه ٿي سگهي

سنجهورو جي ڳوٺ نياز محمد ڀٽي ۾ زهريلو پاڻي واپرائڻ سبب 5 ٻار فوت ٿيڻ بعد اسلام آباد اماڻيل پاڻيءَ جي سيمپلز جي رپورٽ اڃا پڌري نه ٿي سگهي، هفتو اڳ زهريلو پاڻي واپرائڻ سبب 5 ٻار فوت ٿي ويا هئا، ٻارن جي فوت ٿيڻ بعد انتظاميا ڳوٺ ۾ لڳل هينڊ پمپ هٽائي ڇڏيا هئا، پاڻيءَ جا سيمپل تجزيي لاءِ اسلام آباد ليب اماڻيا ويا هئا، ڊي ايڇ او فيض محمد مري موجب زير زمين پاڻيءَ جا 15 مختلف هنڌن تان سيمپل ورتا ويا هئا، هينڊ پمپ هٽائڻ سبب ڳوٺاڻا پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ پريشان، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته انتظاميا پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن، ڳوٺاڻا 10 ڪلوميٽر پري کان پيئڻ جو پاڻي ڀري اچڻ لاءِ مجبور

Read Previous

حيدر آباد ۾ وحشياڻي انداز ۾ قتل ڪيل عورت انا انڙ جي معاملي جي ڀرپور ڪوريج بعد سنڌ سرڪار جو انساني حقن وارو کاتو به جاڳي پيو

Read Next

پنجاب مان 10 سال اڳ مبينا اغوا بعد قاضي احمد ۾ وڪرو ڪيل عورت ٽن ٻارن سوڌو بازياب

Most Popular