پنجاب مان 10 سال اڳ مبينا اغوا بعد قاضي احمد ۾ وڪرو ڪيل عورت ٽن ٻارن سوڌو بازياب

پنجاب مان 10 سال اڳ مبينا اغوا بعد قاضي احمد ۾ وڪرو ڪيل عورت ٽن ٻارن سوڌو بازياب، پوليس موجب رات دير سان ڳوٺ شبير علي کوسو ويجهو ڇاپو هڻي وڪرو ڪيل عورت طاهرا بتول کي ٽن ٻارن سميت بازياب ڪرايو ويو، عورت جو مڙس هجڻ جو دعويدار ڪريم بخش کوسو گرفتار، ايس ايڇ او قاضي احمد موجب طاهره بتول ٻڌايو ته پنجاب ۾ سندس شادي ٿيل هئي، 10 سال اڳ دلالن اغوا ڪري قاضي احمد ۾ وڪرو ڪري ڪريم بخش کوسو سان جبري طور پرڻايو، جنهن مان 7 سالن جي مريم، 5 سالن جو ذيشان ۽ 4 سالن جي ڪائنات نالي 3 ٻار آهن، بازياب ڪرايل عورت کي ٻارن سوڌو اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو

Read Previous

سنجهورو ۾ زهريلو پاڻي واپرائڻ سبب 5 ٻار فوت ٿيڻ وارو مامرو: اسلام آباد اماڻيل پاڻيءَ جي سيمپلز جي رپورٽ اڃا پڌري نه ٿي سگهي

Read Next

ڪوٽڙي ۾ پراسرار طور گم ٿي ويل ٻارڙي جو علائقي جي بند پيل هڪ گهر مان لاش هٿ

Most Popular