رشتي جي ضرورت: زال گهرجي پر اها سوشل ميڊيا جي ديواني نه هجي!

نئين دهلي: ڀارت ۾ هڪ وڪيل کي پنهنجي لاءِ اهڙي زال جي ڳولا آهي جيڪا خوبصورت، رنگ جي اڇي، ڊگهي ۽ سنهي هجڻ کان علاوه سوشل ميڊيا جي ديواني نه هجي. رشتي جي ضرورت جو اشتهار اڄڪلهه سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻيل آهي. رپورٽ موجب ڀارتي رياست مغربي بنگال جي هڪ 37 سال وڪيل  مقامي اخبار ۾ اهو شتهار ڏنو آهي جنهن موجب چيئرجي نالي ان صاحب جو قد 5 فٽ 7 انچ آهي.  هو ڪوبه نشو نٿو ڪري، هاءِ ڪورٽ جو وڪيل ۽ تحقيق ڪار آهي. ان جي خاندان جو پنهنجو گهر ۽ گاڏي آهي ماءُ پيءُ زنده آهن ۽ ڪمارپورڪور ڳوٺ ۾ پنهنجو اباڻو گهر آهي. ڇوڪريءَ کان هن کي جهيز وغيره ڪابه شيءَ نه گهرجي پر ان جي ٿيندڙ زال خوبصورت، رنگ اڇو، ڊگهي ۽ سنهي هجڻ کان علاوه سوشل ميڊيا جي نشي ۾ مبتلا نه هجي. ان اشتهار جي تصوير ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ آءِ اي ايس آفيسر نيتن سنگوان پنهنجي ٽوئٽر  اڪائونٽ تي رشتا ٺاهڻ جا  تقاضا بدلجي رهيا آهن. اها طنزيه عبارت لکي شيئر ڪئي جنهن کان پوءِ ٽوئٽر تي بحث شروع ٿي وئي. ڪجهه صارفين اشتهار ڏيندڙ چيئرجي تي تنقيد ڪندي کيس خوبصورتي تي مرندڙ ۽ حوس پرست قرار ڏنو آهي. ڪجهه ماڻهن جو چوڻ هو اڄ جي دور ۾ اهڙي زال ملڻ تقريبن ناممڪن آهي جيڪا سوشل ميڊيا جو استعمال نه ڪندي هجي. هڪ ٽوئٽر صارف ته ان پوسٽ تي تبصري ۾ چيو ته(ڪنوارو ئي مرندي) لکي ڳالهه ئي ختم ڪري ڇڏي.

Read Previous

رابي پيرزادا ترڪ صدر جي پينٽنگ ٺاهڻ سان گڏوگڏ وڏي خواهش به ظاهر ڪري ڇڏي

Read Next

ڪراچي ۾ هڪ مهيني لاءِ موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو

Most Popular