ٽي مھينا اڳ قتل ٿيل جا وارث انصاف لاءِ احتجاج ڪندي

قاضي (احمد رپورٽ علي نواز جتوئي) ٽي مھينا اڳ قتل ٿيل ڳوٺ مھرو مھر جو رهواسي نوجوان غلام سرور ملاح جي قاتلن جي گرفتاري لاء مقتول نوجوان جي پيرسن پئ محمد آچر ملاح پيرسن امڙ صاحب خاتون ملاح ۽ بيوه وني فاطمه ملاح ڀاء رميز راجا ملاح احتجاج ڪندي چيو ته ستين مهيني جي چوٿين  تاريخ تي اسان جو نوجوان غلام سرور ملاح صبح سوير چار بجي  ڪم تي وڃڻ لاء گهران نڪتو جيڪو يوسف جتوئي جي واڙي تي جوڻاموري تي ڪم ڪندو هو   پر اسان کي دير سان خبر پوي ته اوهان جو نوجوان زخمي حالت ۾ اسپتال جي ٻاهران ڪير ڦٽو ڪري ويو آھي جڏهن اسان اسپتال پهتاسين ته اسان نوجوان جون ٽنگون ٻانهون ٽٽل هيون ء سخت زخمي هو جڏهن هو هوش ۾ آيو ته هن چيو ته مون تي سرين سان تشدد ڪيو ويو آھي جنهن جي خبر سڄي ڪالو پٺاڻ آھي جيڪو مونکي اسپتال ٻاهران ڦٽو ڪري ويو آھي ۽ خدارا مونکي هتان ڪڍو ڇو جو منهنجا دشمن هٿي موجود آھن انکان پوء اسان پنهنجي نوجوان کي نوابشاھ کڻائي ويا هئاسين پر مسلسل اڙڙھن ڏينهن اسپتال ۾ رهياسين پر مقتول نوجوان زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو اسان قاضي احمد ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي پر پوليس اڃان تائين قاتل گرفتار نه ڪيا آھن پوليس جو ورتاء اسان سان بهتر ناهي اها قاتلن سان ٻٽ بڻيل آھي اسان وزيراعلا سنڌ آء جي سنڌ ايس ايس پي شھيد بينظير آباد کان مطالبو ٿا ڪريون ته فوري طور تي اسان جي بيگناھ قتل ٿيل نوجوان جا اصل قاتل گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي

Read Previous

پاڪستان خاصخيلي اتحاد مرڪزي سپريم ڪائونسل جو اجلاس ٿي گذريو

Read Next

ڳڙھي خيرو :جامع فاروقيه ڪراچي جي مهتمم ڊاڪٽر عادل خان جي شهادت جي پرزوز مذمت ڪيون ٿا : اڳواڻ

Most Popular