مٽياري ۾ ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وسلم جي ولادت جو جشن مذهبي عقيدت و احترام سان ملهايو پيو وڃي

مٽياري : مٽياري ۾ ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وسلم جي ولادت جو جشن مذهبي عقيدت و احترام سان ملهايو پيو وڃي مٽياري ۾ ميلاد مصطفي صلي الله عليه وسلم ڪميٽي پليجاڻي پاران پليجاڻي اسٽيشن  کان ميلاد شريف جي ريلي ڪڍي ويئي جنهن جي اڳواڻي ميلاد مصطفيﷺ ڪميٽي پليجاڻي جي اڳواڻن نياز علي سوهو، دلبر گوپانگ، حاجي عنايت الله ميمڻ، عامر ٽڳڙ، عاشق حسين سيال ڪرمي غلام مصطفي ميمڻ، احسان ﷲ آرائين، مولانه فيصل خاصخيلي،   حاجي عرس خاصخيلي، حاجي ھاشم خاصخيلي، وڏيرو گل حسين ڏيٿو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ميلاد ريلي مختلف هنڌن کان ٿيندي واپس پليجاڻي اسٽيشن تي پھچي جتي اختتام پذير ٿي. ان موقعي تي اڳواڻن نياز علي سوهو ۽ ٻين اڳواڻن ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته 12 ربيع الاول جو ڏينهن سمورن مسلمان لاءِ وڏي اهميت جو ڏينهن آهي، ان ڏينهن تي اسانجا پيارا نبي حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وسلم جن دنيا ۾ تشريف کڻي آيا. هنن چيو ته اسلام امن ۽ سلامتي جو دين آهي ان ۾ انتها پسندي، فرقيواريت ۽ دهشتگردي جهڙين براين جي ڪابه گنجائش نه آهي. هنن حڪومت پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته فرانس ۾ نبي ڪريم ﷺ جي شان ۾ گستاخي ڪندڙ جي سخت لفظن مذمت ڪيون ٿا ميلاد ريلي جي آخر ۾ مٺائي تقسيم ڪئي ويئي.

Read Previous

پاڪستان ۽ ترڪي اسان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪن: فرانس

Read Next

ايم آر ڊي تحريڪ جي سڃاڻپ رکندڙ تاريخي ڳوٺ لاکاٽ ۾ لکين رپين جي لاڳت سان اسڪول سمورين بنيادي سھولتن کان وانجهيل آھي

Most Popular