اسرائيلي وزيراعظم ۽ سعودي شهزادي وچ ۾ ڳجهي ملاقات جو انڪشاف

رياض:  اسرائيلي وزيراعظم بن يامين نيتن ياهو ۽ سعودي عرب جي شهزادي شاهه سلمان بن عبدالعزيز وچ ۾ ڳجهي ملاقات جو انڪشاف ٿيو آهي. هڪ رپورٽ موجب ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات هڪ غير اعلانيه دوري تي ٿي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اسرائيلي وزيراعظم سعودي  شهزادي محمد بن سلمان ۽ امريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو سان ڳجهي ملاقات ڪئي. آمريڪي اخبار موجب نيتن ياهو سان گڏ اسرائيل جي انٽيليجنس ايجنسي جو سربراهه يوسي گوهن به ملاقات ۾ موجود هو. ٻئي طرف اسرائيلي حڪومت جي ترجمان ملاقات تي ڪوبه تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي. جڏهن ته سعودي حڪومت  طرفان به هن ملاقات تي فوري طور تي ڪوبه تبصرو ناهي ڪيو ويو. ياد رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو گذريل ڪيتري عرصي کان عرب ملڪن جي اسرائيل سان لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ لاءِ ڪوشان آهي. تازو ئي آمريڪا جي ٽياڪڙي سبب متحده عرب امارات ۽ اسرائيل وچ ۾ لاڳاپا بحال ٿيا ۽ پوءِ بحرين ۽ سوڊان به اسرائيل سان لاڳاپا بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

Read Previous

پنجاب حڪومت ڪورونا وائرس جي پکيڙ روڪڻ لاءِ دڪانون ڇهين وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

Read Next

پاڪستاني فلمن جي ليجنڊ اداڪار چاڪليٽي هيرو وحيد مراد کي وڇڙئي 37 سال گذري ويا

Most Popular