احساس ڪفالت پروگرام تحت غريب عورتون ۽ ٻارڙن جي سهائتا لاءِ ٻارنهن هزار روپيه امداد ڏيڻ واري سينٽرن تي رش

پنوعاقل ( رپورٽ فيصل حيات جهنڊير) احساس ڪفالت پروگرام تحت غريب عورتون ۽ ٻارڙن جي سهائتا لاءِ ٻارنهن هزار روپيه امداد ڏيڻ واري سينٽرن سانگي، هاءِ اسڪول پنوعاقل، ڊگري ڪاليج ۽ ٻين احساس ڪفالت پروگرام ۾ رقم جي ورهاست واري انهن احساس ڪفالت سينٽرن جي انچارجن ۽ ايڇ بي ايل پاران فراهم ڪيل ڊوائيز هلائيندڙن پاران سينٽر انچارج ۽ ڊوائيز هلائيندڙ مافيه پاران عورتون کي ملندڙ سرڪاري رقم مان ٻھ کان 3 هزار روپيه کلي عام ڪٽوتي جو سلسلو تيزيءِ سان احساس ڪفالت جا سينٽر کلڻ کان وٺي هن محل تائين هلندڙ آهي انهن سينٽرن تي سوين عورتون روزانون پري پري کان پهچن پيون رشوت نه ڏيڻ تي سينٽر انچارج ۽ ڊوائيز مشينون هلائيندڙ انهن کي ڪيترائي ڏينهن رلائي بعد ۾ ايهو چئي واپس ڪن پيا ته اوهان جا پئسه ئي نه آيا آهن، جنهن سبب پنوعاقل سانگي دادلوءِ سينٽرن تي ڪيترن ئي عورتون پاران بک اڃ تي سخت احتجاج ڪندي سينٽرن انچارجن خلاف نعري بازي ڪئي وڃي پئي، انچارجن ۽ ڊوائيزن هلائيندڙن مافيه کي کلي عام ٻارنهن هزار جي رقم مان 2000، يا 3000 هزار روپيه ڪٽوتي ڪري بعد ۾ بقايا پئسه ڏنا وڃن پيا اهڙن سينٽرن تي جتي عورتون ٻارڙن جي وڏي پيھ متل آهي گيٽون تي پوليس مقرر آهي اتي ڪيتريون ئي عورتون لاڳيتو انتظار ڪرڻ ۽ پئسه نه ملڻ تي بک اڃ سبب بيهوش ٿيڻ جا واقعيه پيڻ سامهون اچن پيا، پنوعاقل شهري اتحاد جي اڳواڻن غلام مصطفيٰ ڪلوڙ، حيات جهنڊير، راجا مهر، مير مقصود خان ڪورائي ۽ ٻين اهڙي عمل تي سخت احتجاج ڪندي چيو ته انهن سينٽرن تي عورتون سان ناروا سلوڪ ۽ انهن جي ضلعت ڪئي وڃي پئي اهي سينٽر انچارج ۽ ڊوائيزون هلائيندڙن سان ايڇ بي ايل جا عملدار ۽ ٻئي مافيه به ملوث آهي هوُ بينظير انڪم سپورٽ جي پروگرام کان وٺي احساس ڪفالت پروگرام جي وڏين رقمن ۾ ڪروڙين روپين جي گھوٻين ۾ ملوٽ آهي هاڻ به غريب عورتون کي ملندڙ امداد جي رقم مان ڦرلٽ ڪرڻ لاءِ ان گينگ کي ٻيهر اڇي ڪاري جو مالڪ بڻايو ويو آهي ان خلاف ضلعي انتظاميه فوري نوٽيس وٺي اهڙي ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي

Read Previous

نوشهروفيروز: يونائيٽيڊ ميمڻ جماعت تعلقي ڀريا پاران ڳوٺ کاھي ممن ۾ ھر سال وانگي ھن سال به ٻن ڏينھن جي مفٿ اکين جي آپريشن جي ڪئمپ ماھر سرجن ڊاڪٽر سيد آصف شاھ جي نگرانيءَ ۾ ٿي

Read Next

ھڪ سنڌ ھڪ ثقافت سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت جي عنوان ھيٺ ثقافتي ريلي

Most Popular