ڪيترن ئي سالن کان پاڪستان ۾ نه کيڏڻ تي افسوس آهي: عثمان خواجا

آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپننگ بيٽر عثمان خواجا چيو آهي ته مان ۽ منھنجي ٽيم پنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏڻ لاءِ پرجوش آهيون.

آن لائن پريس ڪانفرنس ڪندي آسٽريلوي اوپننگ بيٽسمين عثمان خواجا چيو ته کيس ننڍپڻ ۾ پنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم گهمڻ جو موقعو مليو، اميد آهي ته راولپنڊي ٽيسٽ ۾ پنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ڀريل هوندو.

هن چيو ته افسوس آهي ته ڪيترن ئي سالن کان پنهنجي وطن ۾ کيڏڻ کان محروم آهيان، آسٽريليا ۾ پاڪستان ٽيم سان کيڏيو آهيان پر پاڪستان ۾ کيڏڻ لاءِ پرجوش آهيان. پاڪستان ۾ کيڏڻ منهنجي لاءِ اهم لمحو آهي.

سندس چوڻ هو ته مان هميشه پاڪستان ۾ کيڏڻ چاهيان ٿو، پاڪستان ۾ پيدا ٿيڻ ۽ پوءِ پاڪستان ۾ تاريخي ٽيسٽ ميچ کيڏڻ منهنجي لاءِ اهم آهي، ابوظهبي ۽ پاڪستان جون پچ هڪ ٻئي کان مختلف آهن، آسٽريليا جي نون رانديگرن ڪڏهن به پاڪستان ۾ نه کيڏيو آهي، ان ڪري اهو نئون تجربو هوندو.

Read Previous

واٽس ايپ جا واهيپدارن لاءِ انتهائي اهم فيچر متعارف

Read Next

ام رباب پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ ايم پي اي سردار خان چانڊيو جي ضمانت رد ڪرائڻ لاءِ درخواست داخل

Most Popular