ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جو 4 رڪني وفد پاڪستان پهچي ويو آهي

ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) جو 4 رڪني وفد پاڪستان پهچي ويو آهي.

وفد ۾ بي سي سي آءِ جو صدر راجر باني ۽ نائب صدر راجيو شڪلا شامل آهن.

ان کان علاوه ڊائريڪٽر بي سي سي آءِ ۽ نائب صدر جو سيڪريٽري محمد اڪرم به شامل آهن.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي وفد مهمانن کي گلدستا پيش ڪيا.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ذڪا اشرف چيو ته راجر باني ۽ راجيو شڪلا کي دل جي گهراين سان ڀليڪار ڪيون ٿا.

سندس چوڻ آهي ته ڀارتي وفد اسان جي دعوت قبول ڪئي ۽ هتي آيو، اسان کي تمام سٺو محسوس ٿيو، ان سان پاڪستان ۽ ڀارت جا لاڳاپا بهتر ٿيندا.

پي سي بي، راجيو شڪلا سان اسان جا سٺا لاڳاپا آهن
بي سي سي آءِ جي نائب صدر راجيو شڪلا چيو ته ايشيا ڪپ ٿي رهيو آهي، پاڪستان ميزباني ڪري رهيو آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي دعوت تي هتي آيو آهي، پي سي بي سان اسان جا لاڳاپا تمام پراڻا ۽ سٺا آهن.

ذڪا اشرف صاحب جي مهرباني جن استقبال ڪيو، راجر باني
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي صدر راجر باني چيو ته 2006ع کانپوءِ پاڪستان اچڻ تمام سٺي ڳالهه آهي، ذڪا اشرف جو ٿورائتو آهيان جنهن منهنجو استقبال ڪيو.

راجر بيني جو چوڻ آهي ته هو سڀاڻي افغانستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ميچ ڏسندو.

ان کان اڳ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مئنيجمينٽ ڪميٽي جو چيئرمين ذڪا اشرف ڀارتي وفد جي آجيان ڪرڻ لاءِ لاهور جي هوٽل پهتو هو.

هن چيو ته اميد آهي ته ڀارت ۾ به دوست حڪومت ايندي.

ڀارت روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي نائب صدر راجيو شڪلا چيو ته پاڪستان جي دوري بابت اسان جي حڪومت جيڪو به فيصلو ڪندي اهو ڪنداسين.

ان موقعي تي ڳالهائيندي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي صدر راجر باني چيو ته پاڪستان جي ميزباني هميشه شاندار رهي آهي، پاڪستاني ڪرڪيٽ کي تمام گهڻو پسند ڪن ٿا.

راجر بني چيو ته مان آخري ڀيرو 2006 ۾ پاڪستان آيو هو، اسان پهريان ڪولمبو ۾ ميچون ڏٺيون ۽ هاڻ پاڪستان ۾ ميچون ڏسنداسين.

Read Previous

فلم ”جان“ جي رڪارڊ ايڊوانس بکنگ تي شڪ ڪندڙ مداح کي شاهه رخ خان جو جواب

Read Next

ايشيا ڪپ: ڀارت خلاف نيپال جي بيٽنگ جاري آهي

Most Popular