ايشيا ڪپ: ڀارت خلاف نيپال جي بيٽنگ جاري آهي

ايشيا ڪپ ۾ نيپال جي ڀارت خلاف بيٽنگ جاري آهي.

پالي بنانا گرائونڊ تي کيڏيل ميچ ۾ ڀارت ٽاس کٽي نيپال کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.

ٽاس کٽڻ بعد برسات شروع ٿي وئي، جنهن سبب زمين ڪجهه دير تائين ڍڪجي وئي.

واضح رهي ته ايشيا ڪپ ۾ ڇنڇر ڏينهن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ کيڏيل ميچ برسات سبب ختم ٿي وئي هئي، جنهن سبب ٻنهي ٽيمن کي هڪ هڪ پوائنٽ مليو هو.

پاڪستان هڪ هڪ پوائنٽ حاصل ڪرڻ بعد ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي، جڏهن ته نيپال ۽ ڀارت مان هڪ هڪ ٽيم اڄ ايونٽ جي ايندڙ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪندي.

Read Previous

ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جو 4 رڪني وفد پاڪستان پهچي ويو آهي

Read Next

ٽيڪ ڪمپنيون روسي پروپيگنڊا کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام

Most Popular